دپيڪا پڊوڪون فلم ”پيڪو“ لاءِ بنگالي زبان سکڻ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره دپيڪا پڊوڪون فلم ”پيڪو“ لاءِ بنگالي زبان سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. دپيڪا فلم ”هيپي نيو ايئر“ لاءِ مهاراشٽرين لهجو اختيار ڪرڻ لاءِ خاص تربيت حاصل ڪئي هئي ۽ نئين فلم ”پيڪو“لاءِ بنگالي زبان سکڻ شروع ٿي وئي آهي جنهن لاءِ ڊائريڪٽر شوجيت سرڪار خصوصي ورڪشاپس شروع ڪئي آهي. بنگالي سکڻ لاءِ ان کي مشهور اداڪاره موسمي چٽرجي جون خدمتون حاصل آهن. دپيڪا شوٽنگ دوران به ان کان مدد وٺي ٿي. دپيڪا چيو ته بنگالي هڪ نرم ۽ پياري زبان آهي. فلم پيڪو جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اميتاڀ بچن به شامل آهي جيڪو فلم ۾ دپيڪا جو پيءُ ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *