دپيڪا، سوناڪشي، رنوير، ارجن ۽ ڪرن جوهر خلاف ڪيس داخل

پوني(شوبز نيوز)ڀارت ۾ عوامي جاءِ تي پروگرام دوران غلط زبان استعمال ڪرڻ تي بالي ووڊ جي مشهور هدايتڪار ڪرن جوهر، دپيڪا پڊڪون، سوناڪشي سنها، رنوير سنگهه ۽ ارجن ڪپور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڀارتي ميڊيا رپورٽن مطابق پوني پوليس اسٽينڊ اپ ڪاميڊي گروپ اي آءِ بي طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ منعقد ڪيل هڪ شو دوران غلط لفظ استعمال ڪرڻ تي هدايتڪار ڪرن جوهر ۽ بالي ووڊ ادڪارن ارجن ڪپور، رنوير سنگهه، سوناڪشي سنها ۽ دپيڪا پڊڪون خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي مقامي پوليس سوشل ميڊيا ويب سائيٽ يوٽيوب خلاف به ڪيس داخل ڪيو آهي عوامي جاءِ تي غلط لفظ استعمال ڪرڻ جي ڏهه ۾ انهن سمورن ماڻهن کي 5 کان 10 سالن جي سزا ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ٻئي طرف يوٽيوب به ان وڊيو کي پنهنجي ويب سائيٽ تان هٽائي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *