”دي فالٽ ان اوور اسٽارز“ هلندڙ سال سڀ کان وڌيڪ ڪامياب فلم، ٽن مهينن ۾ 300 ملين ڊالر جو ڪاروبار ڪيو

لاس ايجنلس (شوبز نيوز) فلم ”دي فالٽ ان اوور اسٽارز“ سموري دنيا ۾ 300 ملين ڊالرن جو ڪاروبار ڪري سال 2014ع جي سڀ کان ڪامياب فلم ثابت ٿي آهي، سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ڄانايل فلم 12 ملين ڊالر جي بجيٽ سان ٺاهي وئي هئي، جنهن جو هاڻي بالي ووڊ ميڪ به تيار ڪيو پيو وڃي. ان فلم جي ڪهاڻي ننڍي عمر جي هڪ جوڙي جي چوڌاري گهمي ٿي، سندن ملاقات ڪينر اسپورٽ گروپ ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي آهي. فلم کي جوش جون ڊائريڪٽ ڪيو آهي، اها فلم جون ۾ اُتر آمريڪا ۾ رليز ڪئي وئي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *