”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ ۾ ڪم مان گهڻو ڪجهه سکيو: ڪرن جوهر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي وود جي مشهور هدايتڪار فلمساز ڪرن جوهر چيو آهي ته هو فلم نگري ۾ اڄ اديتيه چوپڙا ۽ شاهه رخ خان جي سبب موجود آهي. فلم ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ سان پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪندڙڪرن جوهر ”دل والي دلهنيا لي جائينگي“ جي سينيما ۾ نمائش کي هڪ هزار هفتا مڪمل ٿيڻ تي چيو ته کيس اڄ فلم انڊسٽري ۾ جيڪو مقام حاصل آهي ان جو سبب شاهه رخ سان ۽ اديته چوپڙا اهن. ان فلم کي ٺاهڻ بابت لکيل ڪتاب پڙهي منهنجون يادون ٻيهر تازيون ٿي ويون آهن. ڇو ته فلم منهنجي لاءِ هڪ وڏي تربيت گاهه ثابت ٿي ۽ فلمن بابت سندس کي سڀ ڪجهه ان فلم سيکاريو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *