دبنگ گرل سونا ڪشي اداڪاري بعد هاڻي فلمون پروڊيوس ڪندي

ممبئي(شوبز نيوز) دبنگ گرل سونا ڪشي سنها اداڪاري بعد هاڻي فلمون پروڊيوس ڪندي. ذريعن مطابق بالي ووڊ ”دبنگ“ مان مشهوري  ماڻيندڙ سونا ڪشي مداحن کي موهڻ بعد هاڻي پروڊڪشن جي ميدان ۾ پير پاتو آهي. هوءَ پنهنجي هوم پروڊڪشن ڪمپني ڪراٽوز انٽرٽيمنٽ جو حصو بڻجي وئي آهي. سونا ڪشي جون ايندڙ رليز ٿيندڙ فلمون ”ايڪشن جيڪسن“، ”تيور“ ۽ ”لنگا“ آهن جن جي شوٽنگ جلد ئي مڪمل ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *