دبنگ خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جعلي نالن وارن اڪائونٽن تي چڙي پيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ دبنگ خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي جعلي نالن وارن اڪائونٽن تي چڙي پيو ۽ مداحن کي اصولي ۽ سخت صلاح ڏئي ويٺو، ڀارتي ويب سائيٽ انڊين ايڪپريس جي خبر موجب سلمان خان ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ مداحن کان سوال ڪيو ته اوهان مان ڪيترا جعلي نالن سان اڪائونٽ ٿا هلائين ۽ ڇو؟ هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪو مداح جعلي اڪائونٽ سان ڪنهن ٻئي اداڪار يا وري منهنجي دوست کي ڪيرائڻ يا وري بي عزتي جي ڪوشش ڪري اهو نه ڪو منهنجو سڄڻ آهي ۽ نه وري مداح، ان ڪري سڌي ڳالهه آ ته جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ بند ڪيو ۽ ڪنهن کي ايذائڻ به بند نه ڪيو، هن چيو ته شاهه رخ خان سان هن جو ڪڏهن نه اختلاف هو ۽ نه وري آهي ان ڪري ڪو به مداح يا وري دوست جعلي اڪائونٽ سان اسان وچ ۾ اختلافن کي هوا نه ڏئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *