تمام جلد پنهنجي چاهيندڙن لاءِ نئون موسيقي جو البم مڪمل ڪري رليز ڪنديس؛ فريحه پرويز

لاهور (ڪلچرل نيوز) ڳائڻي فريحه پرويز  چيو آهي ته تمام جلد پنهنجي چاهيندڙن لاءِ نئون موسيقي جو البم مڪمل ڪري رليز ڪنديس، خدا جو شڪر آهي ته منهنجا جيترا به البم رليز ٿيا آهن انهن ڪاميابي ماڻي آهي، خاص ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته هاڻي تازو ئي مون آمريڪا جو دورو ڪيو جيڪو ڪامياب ويو، آمريڪا جي جنهن به رياست ۾ پرفارم ڪيو اتي اميد کان وڌيڪ موٽ ملي، فريحه پرويز چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ملڪ ۾ امن امان ٿئي ۽ ٻيون ڀيرو لائيو ڪنسرٽن جو سلسلو شروع ٿئي جيئن ماڻهن کي سٺي تفريح جا موقعا ملي سگھن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *