تحفي ۾سنڌي اجرڪ ملڻ تي فلم پي ڪي جو ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراڻي ڳوڙها روڪي نه سگهيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ جي معروف ڊائريڪٽر راج ڪمار هيراني چيو آهي ته فلم ”پي ڪي“ پاڪستان جي لاءِ ٺاهي، جلد پاڪستان جو سير ڪرڻ لاءِ ايندس، سنڌ سان وڏي محبت آهي، سنڌو درياهه جو سير به ڪندس،انٽرويو ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جا شهري مخلص ۽ محبت ڪرندڙ آهن، فلم پي ڪي پاڪستان جي لاءِ ٺاهي، سنڌ سان وڏي محبت آهي، منهنجي جسم ۾ سنڌ جي محبت ۽ چاهت رت بڻجي ڊوڙي رهي آهي، انٽرويو دوران صحافي پاران تحفي ۾ ڏنل اجرڪ ڏسي راج ڪمار هيراني جي اکين مان ڳوڙها وهي پيا، هن چيو ته پاڪستان ۾ فلمن کي پذيرائي ملڻ تي خوش آهيان، جلد پنهنجو ابائي گهر ڏسڻ پاڪستان ايندس، سنڌو درياهه جو سير به ڪندس، سنڌ جي سرزمين جي خوشبو، مهمان نوازي ۽ لوڪ ڪهاڻيون دل موهي وجهنديون آهن، سنڌ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز ۽ صبر وارا آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *