بپاشا سان شادي قسمت ۾ لکيل هوندي ته ٿي ويندي: اداڪار هرمن باويجا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره بپاشا باسو ۽ اداڪار هرمن باويجا چيو آهي ته هو مناسب وقت تي شادي ڪندا اداڪار هرمن باويجا جنهن کي اداڪاره بپاشا باسو سان واسطي جي بنياد تي شهرت ملي آهي هن چيو آهي ته جيڪڏهن سندن بپاشا سان شادي قسمت ۾ لکيل هوندي ته ضرور ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن ايئن ناهي ته اسان جي لاءِ ٻيا بهتر رستا کلي ويندا هن چيو ته مان پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن شئي جي رٿابندي ناهي ڪئي جيڪو نصيب ۾ هو آڏو ايندو ويو ٻئي طرف بپاسي هرمن جي بيان جي تائيد ڪندي چيو آهي ته مون کي شادي ڪرڻ جي ڪائي تڪڙ نه آهي. منهنجي ماءُ به مون کان سوال ڪندي رهندي آهي ته توهانجي شادي ڪڏهن ٿيندي ۽ منهنجو جواب هوندو آهي ته جڏهن وقت ايندو ته ٿي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *