بزرگن صحيح چيو آهي ته جوڙا آسمان تي ٺهندا آهن؛ ماڊل صنم سعيد

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽي ويءَ جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل صنم سعيد چيو آهي ته بزرگن صحيح چيو آهي ته جوڙا آسمان تي ٺهندا آهن، عورت چاهي ڪنهن ملڪ جي وزيراعظم بڻجي وڃي پر سندس اصل جڳهه مڙس جو گھر هوندو آهي. هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو ته پاڻ کي خوش قسمت سمجھان ٿي جو  مون کي خدا فرحان حسن جھڙو محبت ڪندڙ مڙس ڏنو، هن چيو ته مان ٽي وي، ماڊلنگ ۽ ڳائڻ ٽنهي شعن ۾ پنهنجون صلاحيون مڃرائي چڪي آهيان پر شاديءَ کان پوءِ منهنجون مصروفيتون وڌي ويون آهن. مان هاڻي نرالي ۽ معياري ڪم کي پهري ترجيح ڏينديس. هن چيو ته منهنجو شوبز سان لاڳاپو ختم ناهي ٿيو ٿي سگھي ٿو ته شاديءَ کان پوءِ به ان شعبي ۾ پنهنجو ڪم جاري رکان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *