بالي ووڊ ۾ شاندار انٽري بعد پاڪستاني اداڪار فواد خان جي وطن واپسي

لاهور (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب فلم “خوبصورت” ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستاني اداڪار فواد خان وطن واپس پهچي ويو. لاهور جي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد خان جو چوڻ هو ته بالي ووڊ ۾ بڻيل سندس فلم “خوبصورت” ۳ ڏينهن 48 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو آهي ۽ ان جو هر شو هائوس فل وڃي رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ۾ مونکي وڏي پذيرائي ملي آهي ۽ سونم ڪپور جهڙي سٺي اداڪار سان ڪم ڪري گهڻو ڪجهه سکڻ لاءِ مليو. فواد خان جو چوڻ هو ته مان سونم ڪپور کي پاڪستان اچڻ ۽ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي آفر ڪئي آهي جيڪا هن قبولي ورتي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *