بالي ووڊ ڪنگ خان، سلمان ۽ عامر کي “ٽوئيٽر” تي پوئتي ڇڏي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا مطابق سلمان خان جي مقابلي ۾ شاهه رخ خان سوشل ميڊيا، خاص طور تي ٽوئٽر تي تمام وڌيڪ فعال آهن، هو مستقل بنيادن تي نه صرف پنهنجي فلمي مصروفيت سان پنهنجي مداحن کي ڄاڻ ڏيندو رهي ٿو،جڏهن ته پنهنجي گهريلو زندگي ۽ ٻارن جون تصويرون به شيئر ڪندو آهي، اهو ئي سبب آهي ته سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ان جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ 20 لک کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته عامر خان جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ  19 لک، جڏهن ته سلمان خان جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ 20 لک آهي. واضع رهي ته بالي ووڊ اسٽارز ۾ ٽوئٽر تي اميتاڀ بچن سڀ کان اڳتي آهي، جنهن جي فالوورز جو تعداد هڪ ڪروڙ 39 لک کان وڌيڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *