بالي ووڊ فلم ”گڊو رنگيلا“ جي نمائش 27 فيبروري ٿيندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”گڊو رنگيلا“ 27 نومبر تي سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. ڀارتي ميڊيا موجب فلم ”گڊو رنگيلا“ 27 فيبروري 2015ع تي سئنيما گهرن جي زينت بڻبي. فوڪس اسٽار اسٽوڊيوز مووي جي بينر هيٺ ٺهندڙ فلم جي پروڊيوسر سنگيتا آهر آهي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ ارشد وارثي، ايمت سڌ، رونيت لائي ۽ اديته راءِ شامل آهن. اها مڪمل تفريحي فلم آهي ۽ فلم ساز کي مداحن طرفان بهتر ردعمل جي توقع آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *