بالي ووڊ فلم ”هيپي نيوائير“ ٽن ڏينهن ۾ 109 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري سمورا اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نئين فلم ”هيپي نيو ايئر“ پنهنجي رليس جي پهرين وين اينڊ تي 100 ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪري ورتو، سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب فلم هيپي نيو ايئر ڀارت ۾ جمعي کان آچر تائين 109 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪري سمورا اڳوڻا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، ڪنهن فلم جو شروعاتي ٽن ڏينهن ۾ ئي 100 ڪروڙ ڪلب کي پار ڪرڻ انتهائي سٺپ سنوڻ قرار ڏنو پيو وڃي، ڄاڻايل فلم ڀارت ۾ هندي کان علاوه تيلگو ۽ تامل ٻولين ۾ پڻ رليز ڪئي وئي، اهڙي طرح شاهه رخ خان پهريون سپر اسٽار بڻجي ويو جنهن جي فلم رڳو ٽن ڏينهن ۾ ايترو بزنس ڪيو آهي، فلم اوپننگ ڊي تي 45 ڪروڙ جو بزنس ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *