بالي ووڊ سندري نرگس فخري پنهنجي وزن ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندي سمورن ساٿي اداڪارائن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سندري نرگس فخري پنهنجي وزن ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندي سمورن ساٿي اداڪارائن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، بالي ووڊ ذريعن موجب اداڪارا هڪ ڏينهن ۾ ڏهه هزار قدمن جو فاصلو طئي ڪري۽ ڊائٽ وارا اڻوڻندڙ کاڌا کائي 4 ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته رنبير ڪپور سان هٽ فلم ”راڪ اسٽار“ ۾ گڏ ايندڙ اداڪارا اصل آمريڪا کان تعلق رکي ٿي ۽ هن وقت تائين ٽي فلمون ڪيون آهن ۽ سندس فلمي دنيا سان چاهه جو  اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي وزن کي رڪارڊ وقت اندر گهٽ ڪري ڏيکاريو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *