بالي ووڊ سندري اداڪار انيل ڪپور جي ڌيءُ سونم ڪپور پنهنجي نئين فلم ”پريم رتن ڌن پايو“ ۾ لوڪ پوشاڪ پهريندي

ممبئي (شوبز نيو) بالي ووڊ سندري اداڪار انيل ڪپور جي ڌيءُ سونم ڪپور پنهنجي نئين فلم ”پريم رتن ڌن پايو“ ۾ لوڪ پوشاڪ پهريندي. سونم ڪپور نئين فلم ۾ دبنگ خان سلمان سان اچي رهي آهي. فلم ۾ سلمان خان روايتي طور نڀايو ويندڙ ڪردار پريم طور نظر ايندو ۽ هڪ شاهوڪار گهراڻي جو باڪردار ڇوڪرو هوندو، فلم ۾ ايڪشن جا جلوا به هوندا. سونم ڪپور جي نئين جاري ڪيل تصوير ۾ هو روايتي ڪپڙا (لوڪ پوشاڪ) پهريل آهي. فلم ۾ ٻين اداڪارن ۾ سوارا ڀاسڪر، سلمان جي ڀيڻ ۽ نيل نيتن سلمان جي ويڳي ڀاءَ جي روپ هوندا. فلم بالي ووڊ ۾هاڪ ويهارڻ لاءِ 11 نومبر تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *