بالي ووڊ دبنگ اداڪار سلمان خان جي 49 سالن جو ٿي ويو

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جو مشهور اداڪار ۽ دبنگ خان جي نالي سان مشهور سلمان خان اڄ پنهنجي 49 هين سالگرهه ملهائي رهيو اهي سلمان خان 27 ڊسمبر 1965ع تي اداڪار ۽ اسڪرين رائيٽر سليم خان جي گهر ۾ اک کولي ۽ پنهنجي فني ڪيريئر جي شروعات فلم بيوي هو تو ايسي ۾ معاون اداڪار جي حيثيت سان ڪئي جڏهن ته 1989ع ۾ پنهنجي ٻئين فلم ”مين ني پيار ڪيا“ ۾ مرڪزي ڪردار ان جي ڪاميابي جا رستا کولي ڇڏيا ۽ ان کي فلم ۾  شاندار اداڪاري تي بهترين ڊيبيو اداڪار جي ايوارڊ سان نوازيو ويو سلمان خان هينئر تائين 80 کان وڌيڪ هندي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي فلمن باڪس آفيس تي تمام گهڻو بزنس ڪري چڪيون آحن جڏهن ته ان جي مشهور فلم هم آپ ڪي هين ڪون، ڪرن ارجن، جڙوا، پيار ڪيا تو ڊرنا ڪيا، بيوي نمبر ون، ڪڇ ڪڇ هوتا هي، دبنگ، ايڪ ٿا ٽائيگر، دبنگ ٽو، ريڊي، وانٽيڊ ۽ ڪڪ کان علاوه ڪيتريون ئي فلمون شامل آهن، بهترين اداڪاري تي سلمان خان کي ڪيترن ئي ايوارڊن سان نوازيو ويو جن ۾ بهترين اداڪار جو اسڪرين ايوارڊ ۽ بهترين معاون اداڪار جو فلم فيئر ايوارڊ سميت ڪيترا اعزاز شامل آهن جڏهن ته دبنگ خان ننڊي اسڪرين تي بگ باس ۽ دس ڪا دم جهڙن ريئلٽي شو جي ميزباني به ڪري چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *