بالي ووڊ خانز ڀارت ۾”لو جهاد” ڦهلائي رهيا آهن: بي جي پي

نئين دهلي(شوبز نيوز)بي جي پي جي اڳواڻ ساڌوي پراچي چيو ته هندن کي بالي ووڊ جي خانز جون فلمون نه ڏسڻ گهرجن، ڇو ته انهن جون فلمون “لو جهاد” کي هٿي ڏئي رهيون آهن، ڀارت جي خابرو اداري جي مطابق پنهنجي هڪ بيان ۾ ان چيو ته بالي ووڊ خانز جون فلمون لو جهاد کي هٿي ڏين ٿيون، اهو ئي سبب آهي ته هندن کي اهڙيون فلمون نه ڏسڻ  گهرجن، پرڏيهي خابرو اداري جي مطابق ساڌوي پراچي ان تاثر جو اظهار گذريل ڏينهن پهرين مارچ تي وشوا هندو پريشد جي هڪ گڏجاڻي جي موقعي تي ڪيو، ساڌوي پراچي چيو ته هي وڏا اداڪار ڀارت ۾ “لو جهاد” کي هٿي ڏين ٿا، پراچي هندن کي  مخاطب ڪندي چيو ته جن ماڻهن شاهه رخ خان، سلمان خان ۽ عامر خان جون تصويرون پنهنجن ڀتين  تي لڳايون آهن، مان انهن کي چوان ٿي ته اهي لاهي ڇڏين ۽ انهن کي ساڙي وڃي،  پراچي هندن کي اپيل ڪندي چيو ته هو نه اهڙيون فلمون  ڏسن جن ۾ خان اداڪار هجي، ۽ نه ئي پنهنجن ڀتين تي انهن جا پوسٽر لڳائن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *