بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي نئين فلم ”رئيس“ جو ٽريلر جاري

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪنگ خان شاهه رخ خان جي نئين فلم ”رئيس“ جو ٽريلر جاري ڪيو ويو، فلم ۾ شاهه رخ سان گڏ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان به آهي، رئيس فلم جي ڪهاڻي 1980ع جي ڏهاڪي جي هڪ انڊر ورلڊ ڊان جي چوڌاري گهمي ٿي، انڊر ورلڊ ڊان کي هڪ ايماندار پوليس آفيسر جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. شاهه رخ خان جي گهر واري غوري خان ۽ فرحان اختر جي گڏيل پراڊڪشن هيٺ ٺهندڙ فلم جي هدايتڪاري راهل ڍولڪيا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ نواز الدين صديقي ۽ عبدالحد آصف شامل آهن. فلم ايندڙ سال 8 جولاءِ تي عيدالفطر تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *