بالي ووڊ جو مشهور موسيقار اي آر رحمان پروڊيوسر سان گڏوگڏ اسڪرپٽ رائيٽر به بڻجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز): بالي ووڊ جو مشهور موسيقار اي آر رحمان جيڪو بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي ڪيترين ئي فلمن کي پنهنجي موسيقي ڏئي چڪو آهي فلم پروڊڪشن ۽ اسڪرپٽ رائٽنگ جي ميدان ۾ به قدم رکي ڇڏيو آهي، اهو انڪشاف هن هڪ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو 47 سالا موسيقار جو چوڻ هو ته آئون هنن ڏينهن ۾ هڪ فلم جنهن جو نالو اڃان ناهي رکيو ويو جي پروڊڪشن ۾ ڪم ڪري رهيو آهي ان سان گڏوگڏ ان جي اسڪرپٽ تي به ڪم ڪري رهيو آهيان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *