بالي ووڊ انڊسٽري ۾ ڪم جو تجربو سٺو رهيو: حمائمه ملڪ

Humaima-Malikممبئي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا حمائمه ملڪ چيو آهي ته بالي وود انڊسٽري ۾ اسان جي ادڪارن کي نه صرف عزت ڏني وڃي ٿي، بلڪه مداحن کان به پيار ملي ٿو، پاڪستاني اداڪارا حمائمه ملڪ بالي ووڊ فلم ”راجا نٽور لال“ ڪامياب بزنس ڪيو آهي، هن بالي ووڊ فلم ”خوبصورت“ جي پريميئر جي خصوصي تقريب ۾ چيو ته پاڪستاني اداڪارن کي ڀارت جي فلم انڊسٽري ۾ نه صرف قدر ۽ احترام حاصل آهي بلڪه مداح به ان سان پيار ڪندا آهن، هن اداڪار فواد خان کي مبارڪباد ڏني، جنهن فلم ”خوبصورت“ ۾ بهترين اداڪاري ڪري پاڻ کي بهترين اداڪار ڄاڻايو آهي، اداڪارا پاڪستاني فلم ”بول“ ۽ ”عشق خدا“ ۾ به اداڪاري ڪري چڪي آهي ۽ اها سُپر هٽ فلم آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *