بالي ووڊ اداڪار شڪتي ڪپور ڪانپور ۾ پنهنجو ڪن ڪٽرائي ويٺو

ڪانپور((شوبز نيوز)بالي ووڊ ۾ ولن جي ڪردار سان سڃاتو ويندڙ مشهور اداڪار شڪتي ڪپور جي مداح ان جي ڪن جي والي ڇڪيکيس زخمي ڪري وڌو ڀارتي ميڊيا مطابق شڪتي ڪپور ڪانپور ۾ پنهنجي ايندڙ فلم ۾ ساٿي اداڪارن تشار ڪپور ۽ آفتاب شيودساني سان گڏ فلم جي شوٽنگ ۾ مصروف هو ته ان دوران عوام جو وڏو تعداد بالي ووڊ اداڪارن جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ جمع ٿي ويو جڏهن ته شوٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ شڪتي ڪپور پنهنجن مداحن سان ملاقات ڪري رهيو هو ته اوچتو هجوم مان هڪ شخص هٿ وڌائي ان جي والي ڇڪي جنهن سبب ان جو ڪن زخمي ٿي پيو جنهن کانپوءِ شڪتي ڪپور کي فلم جي ٽيم فوري طور تي ويجهي ڪلينڪ منتقل ڪيو جتي ان کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *