بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 34 سالن جو ٿي ويو آهي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 34 سالن جو ٿي ويو آهي. شاهد ڪپور اربع تي پنهنجي سالگره خاندان جي ماڻهن ۽ ويجهن دوستن سان گڏ سادگي سان ملهائي. شاهد ڪپور فلمساز ۽ اداڪار پنکج ڪپور ۽ نيلما عظيم جو پٽ آهي. بالي ووڊ ۾ سندس انٽري 10 سال اڳ ٿي هئي پر شاهد ڪپور جون فلمون غلط چونڊ ۽ ان کان پوءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ ڪامبين جا در کوليا ۽ شاهد ڪلاس ون ايڪٽر چورائڻ کان محروم ٿي ويو. شاهد ڪپور پنهنجي پهرين فلم فيئر ايوارڊ پنهنجي فلم ”عشق و عشق“ تي 2003ع ۾ حاصل ڪيو جن هن کان پوءِ سندس هٽ فلم ”جب وي ميٽ“ هئي ۽ 2009ع ۾ سندس فلم ”ڪميني“ ڪامياب رهي. گذريل سال ڪشمير جي موضوع تي ٺهيل فلم ”حيدر“ جي هيستائين بهترين فلم ثابت ٿي . ان فلم کي اسٽار گلڊ، اسٽار ڊسٽ، اسڪرين ۽ فلم فيئر ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *