بالي ووڊ اداڪار امريش پوري کي مداحن کان وڇڙي 10 سال گذري ويا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار امريش پوري کي پنهنجي مداحن کان وڇڙي 10 سال گذري ويا، سڌ سماءَ جي ذريعن موجب امريش پوري 1932ع ۾ ڀارتي پنجاب جي علائقي جالنڌر ۾ پيدا ٿيو، هن بالي ووڊ ۾ ناڪاري ڪردار سان پنهنجي فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ جلد ئي ڀارتي فلم انڊسٽري تي راڄ ڪيو، هن بالي ووڊ ۾ ولين طور پنهنجي صلاحيتن جو استعمال ڪيو پر فلم مسٽر انڊيا جي ڪردار موگيمبو کيس شهرت جي بلبندين تي پهچايو، امريش پوري رام لکن، سوداگر، ڪرن ارجن، ڪوئله، هيرو، ڦول اور ڪانٽي، ميري جنگ ۽ دل والي دلهنيا لي جائين گي جهڙين فلمن ۾ لازوال ڪردار ادا ڪيا،هن فلمي دنيا ۾ ولين طور ڪيترائي ايوارڊ پڻ حاصل ڪيا، 12 جنوري 2005ع تي فلمي دنيا جو هي مشهور ستارو ممبئي اسپتال ۾ دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *