بالي ووڊ اداڪاره ايولين شرما ٿائي باڪسنگ سکي ورتي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايولين شرما ٿائي باڪسنگ سکي ورتي. ڀارتي ميڊيا مطابق ايولين شرما پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ڪجهه وقت اڳ هڪ ٽي وي شو ”لائيف“جي شوٽنگ لاءَ ٿائيلينڊ ۾ هئي جتي هن بي حد انجواءِ ڪيو ۽ ٿائي طرز جي باڪسنگ جي خاص سکيا پڻ ورتي. هن چيو ته باڪسنگ سکڻ پنهنجو دفاع ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي جنهن ذريعي ماڻهو فٽ رهو ٿا. ايولين شرما جي تازو رليز ٿيل فلم ”نو ٽنڪي ساله“ آهي جنهن مناسب بزنس ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *