بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف جو به ميڻ وارو مجسمو رکيو ويندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪترينا ڪيف پريانڪا چوپڙا ۽ دپيڪا پڊوڪون کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، مادام تسائو ۾ هاڻ ڪترينا ڪيف جو به ميڻ وارو مجسمو رکيو ويندو، اميتاڀ بچن، شاهه رخ خان، ماڌوري ڊڪشٽ، ايشوريا ۽ ٻين بالي ووڊ فنڪارن کان پوءِ هاڻي باربي ڊول مادام تسائو جي زينبت بڻبي. ڪترينا ڪيف جو نالو مادام تسائو جي آفيشل ويب سائيٽ تي ٿيندڙ ووٽنگ کان پوءِ چونڊيو ويو، ان ووٽن ۾ ڪترينا ڪيف، دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا کي پوئتي ڇڏيندي سڀني کان وڌيڪ ووٽ ماڻيا. باربي ڊول جي ميڻ جو مجسمو سندس فلم ”راجنيتي“ جي ڪردار وارو هوندو يا وري ڌماڪيدار آئٽم سانگ ”شيلا ڪي جواني“ واري انداز ۾ هوندو، ڪترينا ڪيفي جتي مادام تسائو انتظاميا جي فيصلي تي خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي، اتي باربي ڊول جا مداح پڻ خوش آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *