بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول جي 5 سالن کان پوءِ سلور اسڪرين تي واپسي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ڪاجول جي 5 سالن کان پوءِ سلور اسڪرين تي واپسي ٿي رهي آهي. هن فلم ”دل والي“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ فلمساز کان 5 ڪروڙ رپيا گھري ورتا آهن. وڌندڙ عمر ۽ سلور اسڪرين کان 5 سال پري رهڻ کان پوءِ به اداڪارا ڪاجول جي گھر ۾ گھٽتائي ناهي آئي. هدايتڪار روهت شيٺيءَ جي فلم ”دل والي“ ۾ ڪم جي لاءِ ڪاجول اهڙو ئي معاوضو گھريو آهي جيڪو اڄ ڪلهه ڪترينا ڪيف يا ڪرينا ڪپور وٺي رهيون آهن. فلم ”دل والي“ ۾ ڪاجول شاهه رخ خان جي هيروئن بڻجندي، فلم ۾ ورن ڌون ۽ اداڪارا ڪيرتي سينن به اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *