اڪشي ڪمار به سيلفي تصوير متعارف ڪرائي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) دنيا ۾ سيلفي کي ڪجهه ڌرين پاران هڪ بيماريءَ قرار ڏنو پيو وڃي پر ڪجهه ناميارا نالا سيلفي کي پنهنجو شوق بڻائيندا پيا وڃن، گذريل ڏينهن بالي ووڊ جي کلاڙي ڪمار اڪشي ڪمار به سيلفي تصوير متعارف ڪرائي پر تصوير کي وڌيڪ وڻائڻ لاءِ هن شرٽ لاهي ڇڏي. ان کان اڳ شاهه رخ خان به سيلفي لاءِ شرٽ لاٿي جنهن ۾ سندس چوڻ هو ته هو مداحن کي پنهنجا سڪس پيڪس ڏيکارڻ پيو چاهي. جڏهن ته هالي ووڊ جي ٻن وڏن نالن دي راڪ ۽ آرنلڊ شريوازنيگر به سيلفي ڪڍرائي سيلفي جي اهميت ۾ واڌارو آڻي ڇڏيو. اڪشي ڪمار پنهنجن مداحن کي پيغام ۾  چيو ته مون جي پهرين سيلفي اوهان کي ضرور پسند ايندي. اڪشي جي تصوير ۾ هن پنهنجا ڏورا ڏيکاريندي چيو  ته جيڪڏهن هو پنهنجي باڊي ۽ فٽنيس قائم رکي سگهي ٿو ته اوهان ڇو نه؟ياد رهي ته اڪشي ڪمار ”گبر از بيڪ“ ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ بعد اڄ ڪلهه سنگهه از بلنگ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي جڏهن ته ان کان پوءِ هو فلم برادرز جي شوٽنگ ڪندو، جنهن ۾ جيڪي شروف، سڌارٿ ملوٿرا ۽ جيڪولين فرنينڊيس پڻ گڏ  هوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *