اڄ تائين ڪوبه غير اخلاقي گانو ناهي ڳايو: حميرا چنا

لاهور(شوبز نيوز)ڳائڻي حميرا چنا چيو آهي ته مون اڄ تائين فلمن ۾ نه غير اخلاقي گانا ڳايا ۽ نه ئي آئنده ايئن ڪرڻ جو ڪو ارادو آهي هن چيو ته مون کي ٻالڪپڻ کان ئي ڳائڻ ۾ دلچسپي هئي ان لاءِ مون باقاعده ميوزڪ جي تعليم حاصل ڪئي ڳائڻ دوران ڪيترائي ڀيرا مون کي اداڪاره طور ڪم ڪرڻ جي به آفر ٿي پر منهنجي ترجيح هميشه ڳائڻ رهيو، مون کي سياست ۾ به آفر ٿيندي رهي پر منهنجي ويجهو هڪ سٺي ۽ سچي فنڪار کي سياست کان پي رهڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *