ايڪشن ٿرلر فلم “ نو اسڪيپ ” جو پهريون ٽريلر جاري

نيويارڪ(شوبز نيوز)هالي ووڊ اداڪارن اوون ولسن ۽ پيئرس براسنن جي ايڪشن ٿرلر فلم“ نو اسڪيپ” جو پهريون ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي، هدايتڪار جان ايرڪ ڊوڊل جي ان فلم ۾ اوون وسن ۽ پيئرس براسنن سان گڏ ليڪ بيل، اسٽرلنگ جيرنز ۽ اسپينسر گيرٽ خاص ڪردار نڀائي رهيا آهن، مائيڪل لٽوڪ ۽ ڊريو ڊوڊل جي پروڊيوس ڪندڙ ان فلم جي ڪهاڻي هڪ آمريڪي فيملي جي چوڌاري گهمي ٿي جيڪا اتر ڏکڻ ايشيا جي ملڪ منتقل ٿئي ٿي، جتي ٿيڻ واري بغاوت ۽ خانه جنگي سان پرڏيهن جي جانين  کي شديد خطرو هوندو آهي،ايڪشن ۽ ٿرل سان ڀرپور هي فلم 2 سيپٽمبر تي سينيما گهرن جي زينت بڻجدي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *