ايشين ايوارڊ 2015 بالي ووڊ جي ڪنگ خان نالي ٿيو

لنڊن (شوبز نيوز) ايشين ايوارڊ 2015 بالي ووڊ جي ڪنگ خان جي نالي ٿيو ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان کي ڀارتي سئنيما جي ترقي لاءِ سندس شاندار خدمتن تي ايوارڊ سان نوازيو ويو ڀارتي ميڊيا طمابق پنجين ايشين ايوارڊز جو رنگارنگي  ميلو لنڊن ۾ سجايو ويو جنهن ۾ بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي تقريب ۾ شاهه رخ خان کي ڀارتي سئنيما جي ترقي لاءِ سندس شاندار خدمتن تي ايوارڊ سان نوازيو ويو ايوارڊ ملڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي شاهه رخ خان جو چوڻ هو ته هو پنهنجي مداحن جي ڪري ان مقام تي پهتو جنهن تي هو انهن جو ٿورائتو آهي. ان کان اڳ پنجين ايشين ايوارڊ لاءِ نامزد بالي ووڊ فلم انڊسٽري جو اداڪار شاهه رخ خان سينٽرل لنڊن جي گروسوينيئر هائوس هوٽل پهتو ته مداحن جي وڏي انگ ٻنهي سپر اسٽارز جو شاندار استقبال ڪيو شاهه رخ جو چوڻ هو ته ايشين ايوارڊ ۾ سندس چونڊ خوش آئيند آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *