ايشوريا پنهنجي مڙس جي هيروئن ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ فلم ۾ پنهنجي مڙس اڀيشڪ بچن جي هيروئن ٿيڻ کان انڪار ڪندي پنهنجي جاءِ تي قطرينا ڪيف کي ڪاسٽ ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق اڀيشڪ بچن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ايشوريا پهريون ڀيرو نه ڪيو آهي،پر هو ان کان اڳ به فلم دوستانا، کهيلين هم جي جان سي، ۽ “گيم” ۾ به پنهنجي مڙس جي هيروئن ٿيڻ کان انڪار ڪري چڪي آهي، ايشوريا، قطرينا ڪيف جي وڌندڙ شهرت ڏسندي فلم ۾ پنهنجي مڙس سان گڏ ان ئي هيروئن کڻڻ جو مشورو ڏنو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ فلم انتظاميه يا قطرينا جو موقف سامهون نه اچي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *