ايشوريا راءِ بچن کي ٻن فلمن ۾ عورت پوليس آفيسر جي ڪردارن جي آڇ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايشوريا راءِ بچن کي ٻن مختلف فلمن ۾ عورت پوليس آفيسر جي ڪردار جي آڇ ڪئي وئي آهي، ڀارتي ميڊيا موجب ايشوريا جنهن ڊگهي عرصي کان پوءِ فلم ”جذبه“ ذريعي فلمي دنيا ۾ واپسي ڪئي آهي، کي وڌيڪ فلمن جون آڇون آيون آهن، کيس ٻن فلمن ۾ عورت پوليس آفيسر جو ڪردار نڀائڻ لاءِ آفرز مليون آهن، ٻئي فلمون عورتن جي حساس موضوع تي ٻڌل آهن. ان حوالي سان ايشوريا جو چوڻ آهي ته ٻنهي فلمن ۾ سندس ڪردار هڪ جهڙو آهي، تنهن ڪري هوءَ ٻنهي مان ڪا هڪ فلم سائن ڪندي، جنهن جو اسڪرپٽ وڌيڪ جاندار لڳو هوءَ اها فلمن جوائن ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *