اها ڳالهه پسند ناهي ته منهنجي پريانڪا چوپڙا سان ڀيٽ ڪئي وڃي : پرينيتي چوپڙا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پرينيتي چوپڙا چيو آهي ته کيس اها ڳالهه پسند ناهي ته هن جي ڪنهن ٻي اداڪاره سان ڀيٽ ڪئي وڃي. ڀارتي ميڊيا مطابق پرينيتي چوپڙا پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته ڪڏهن هن جي پنهنجي ڪزن پريانڪا چوپڙا سان ته ڪڏهن وري منارا سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ۽ منهنجي پنهنجن ڪزنز جي فلمن سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي ته ڪهڙي اداڪاره اڳيان نڪري ويندي ۽ ڪهڙي پوئتي ٿي ويندي جيڪا بالڪل غلط ڳالهه آهي. هر فنڪار جي فني صلاحيت ٻئي کان مختلف آهي. هن چيو ته منارا منهنجي ڀينرن جيان آهي جنهن سان هوءَ بي حد پيار ڪري ٿي. پرينيتي چوپڙا جي نئين فلم ”ڪل دل“ 14 نومبر تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *