انقلابي شاعر فيض احمد فيض جي 30 هين ورسي 20 نومبر تي ملهائي ويندي

اسلام آباد(شوبز نيوز) ملڪ جي نامياري ترقي پسند انقلابي شاعر ۽ دانشور فيض احمد فيض جي 30 هين ورسي 20 نومبر تي ملهائي ويندي. ورسي جي حوالي سان ادبي حلقا ان موقعي تي قرآن خواني ۽ فاتحه جو اهتمام پڻ ڪندا. پنهنجي نادر لفظن کي محبت جي موتين ۾ سرجيندڙ فيض احمد فيض 13 فيبروري 1911ع تي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيو. کيس شاعر مشرق ڊاڪٽر علامه اقبال ۽ مرزا غالب ان پوءِ اردو ادب جو عظيم شاعر هئڻ جو اعزاز به حاصل آهي. سندس شآعري جي هر دلعزيزي جو اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته سندس ادبي مجموعن جو انگريزي، فارسي، روسي، جرمن ۽ ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. فيض احمد فيض وڏي کنڊ ايشيا جو اهو واحد شاعر آهي جنهن کي روس طرفان لينن امن ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سندس وفات کان اڳ نوبل انعام لاءِ به چونڊيو ويو هو. فيض احمد فيض 20 نومبر 1984ع تي 73 سالن جي عمر ۾ گذاري ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *