اميتاڀ بچن هيپياٽائيٽس آگاهي مهم جو حصو بڻجي ويو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ليجند اداڪار اميتاڀ بچن دماغي ڌڪ ۽ هيپياٽائيٽس بابت آگاهي مهم جو حصو بڻجي ويو آهي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق اميتاڀ بچن دماغ تي ڌڪ لڳڻ ۽ هيپياٽائيٽس متعلق آگاهي مهم جو حصو ٿيو آهي ۽ ان حوالي سان ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ هو پرعزم پڻ آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ اميتاڀ بچن جو چوڻ آهي ته ان خير جي ڪم لاءِ جيڪڏهن کيس ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ وڃڻو پيو ته هو ويندو ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو. هن فيس بڪ ذريعي ان حوالي سان آگاهي مهم شروع ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *