اقبال بانو جي ڇهين ورسي اڄ ملهائي ويندي

اسلام آباد (شوبز نيوز) ننڍي کنڊ جي عظيم گلوڪاره اقبال بانو جي ڇهين ورسي (اڄ) اڱاري ڏينهن ملهائي ويندي، سندس ڳايل گيت ڪيترائي  ڏهاڪا گذرڻ باوجود اڄ به شوق سان ٻڌا ۽ ڳايا وڃن ٿا، سندس ڳايل گيتن کي فلم جي ڪاميابي جي ضمانت سمجهيو ويندو هو، اقبال بانو 1935ع ۾ ڀارت جي شهر نئين دهلي ۾ پيدا ٿي، اقبال بانو استاد چاند خان جي اندر لڪيل فن کي آسمان جي بلندين تائين پهچايو ۽ آل انڊيا ريڊيو تي متعارف ڪرايو، 1952ع ۾ شادي کان پوءِ اقبال بانو پنهنجي مڙس سان گڏ پاڪستان آئي ۽ ملتان ۾ رهائش اختيار ڪئي، مڙس جي لاڏاڻي کان پوءِ هوءَ لاهور آئي، 1974ع ۾ هن کي صدارتي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، 21 اپريل 2009ع ۾ اقبال بانو لاڏاڻو ڪري وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *