اسد الدين اويسي سلمان خان کي ”موالي“ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)آل انڊيا مجلس اتحاد المسلمين جي صدر لوڪ سڀا جي ميمبر اسد الدين اويسي ۽ بالي ووڊ اداڪار سلمان خان وچ ۾ گذريل هڪ سال کانجاري ويڙهه نئون رخ وٺي ڇڏيو آهي اسد الدين هاڻ سلمان خان کي شراب قرار ڏيندي چيو آهي ته سلمان خان پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هٽ اينڊ رن ڪيس ۾ ڄاڻي واڻي پنهنجي ڊرائيور کي  ڦاسائي رهيو آهي  ممبئي ۾ ڳالهائيندي اسد الدين اويسي سلمان خان کي ”موالي“ يعني شراب جو عادي قرار ڏيندي چيو ته موالي پنهنجي ڊرائيور کي ڦاسائي رهيو آهي جيتوڻيڪ حادثي وقت گاڏي هو پاڻ هلائي رهيو هو ۽ ان ئي ماڻهن کي پنهنجي گاڏي جي هيٺان چيڀاٽيو جڏهن ته اسدالدين طرفان ان نئين حملي جو اڃان تائين سلمان طرفان ڪوبه جواب سامهون ناهي اچي سگهيو خابرو اداري مطابق سلمان خان ۽اسد الدين اويسي وچ ۾ ويڙهه گذريل سال تڏهن شروع ٿي جڏهن سلمان خان بي جي پي جي چونڊ مهم ۾شرڪت ڪئي ۽ نريندر مودي جي حمايت ۾ بيان ڏنو هن بي جي پي جي ريلي ۾ نريندر مودي سان گڏج ٽرڪ تي بيهي ماڻهن کي خطاب به ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *