ارباز خان شوٽنگ جي دوران رهنمائي ڪئي: اڀيشڪ ڊوگرا

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار اڀيشڪ ڊوگرا چيو آهي ته اداڪار ۽ پروڊيوسر ارباز خان سان 3 فلمن جو ڪانٽريڪٽ آهي. هدايتڪار اڀيشڪ ڊوگرا جي ڊائريڪٽ ڪيل فلم ”ڊي ڪي ڊولي“ جلد سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پروڊيوسر ارباز خان 3 فلمن جو ڪانٽريڪٽ سائن ڪيو آهي. اڄڪلهه هو فلم ”ڊي ڪي ڊولي“ جي رليز جي انتظار ۾ آهي. هن چيو ته فلم جي شوٽنگ دوران ارباز خان هن سان مڪمل سهڪار ڪيو ۽ سندس رهنمائي به ڪئي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ اداڪار سونم ڪپور ۽ اداڪار راجمڪار رائو شامل آهن. جڏهن ته اها فلم جلد سئنيما گهرن ۾ نمائش لاءِ لڳائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *