اداڪار شفيع محمد شاهه جي ستين ورسي (اڄ) ملهائي ويندي

ڪراچي(شوبز نيوز) فلم، ٽيليويزن ۽ ريڊيو جي ليجنڊ اداڪار شفيع محمد شاهه جي ستين ورسي (اڄ) 17 نومبر تي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي ويندي. تفصيل مطابق شفيع محمد شاهه سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز جي تعلقي ڪنڊيارو ۾ 1949ع ۾ جنم ورتو. هن ٽي وي جي 50 ڊرامه سيريلز ۽ 100 کان وڌيڪ ڊرامن ۾ پنهنجي اداڪاري جا اڻ مٽ نقش ڇڏيا. شفيع محمد شاهه خانگي ٽي وي چئنل تان نشر ٿيل شاهڪار ڊرامي ”چاند گرهن“ ۾ ”شاهه جي“ جو يادگار ڪردار ادا ڪيو. شفيع محمد شاهه 17 نومبر 2007ع تي 58 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس مشهور ڊرامن ۾ ”جنگل”، ”ديوارين”،”تيسرا ڪناره”، ”ايمرجنسي وارڊ” ”آنچ” ۽ ٻيا ڪيترائي ڊراما شامل آهن. شفيع محمد شاه ڪيترين ئي فلمن ۾ به ڪم ڪيو جن ۾ بيوي هو تو ايسي، روبي، تلاش، ايسا بهي هوتا هي ۽ سلاخين شامل آهن

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *