اداڪار شاهد ڪپور ميرا سان شادي ڪرڻ جو فصلو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي (شوبز نوز) ڪرينا ڪپور پريانڪا چوپڙا ۽ بپاشا باسو سميت مختلف بالي ووڊ اداڪارائن سان لاڳاپن سبب خبرن جي زينت بڻجندڙ شاهد ڪپور نئين دهلي ۾ هڪ ڪاليج جي شاگردياڻي ميرا راجپوت سان شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي مقامي اخبار هندستان ٽائيمز جي رپورٽ مطابق شاهد ڪپور نئين دهلي جي ليڊي شريرام ڪاليج ۾ انگريزي (ٿرڊ ايئر) جي شاگردياڻي ميرا راجپوت سان مڱڻو ڪيو آهي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته شاهد هلندڙ سال ڊسمبر ۾ ميرا سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندو هندستان ٽائيمز هڪ انگريزي اخبار جي حوالي سان لکيو ته شاهد ۽ ميرا جي مڱڻي هلندڙ سال جنوري ۾ ٿي 30 سالن جي شاهد جي پنهنجي ٿيڻ واري زال سان ملاقات هڪ مذهبي گروپ راڌا سوامي ست سنگهه بيس جي معرفت ٿي ياد رهي ته هن کان اڳ شاهد ڪپور هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته هو شادي لاءِ تيار آهي جيڪڏهن ڪائي به سٺي ڇوڪري جي خواهش هجي ته کيس شادي جي حوالي سان رابطو ڪري سگهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *