اداڪاره ميرا کي سالگره جون مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جا پيغام ملڻ باوجود مسڪراهٽ نه ملي سگهي

لاهور(شوبز نيوز): اداڪاره ميرا آمريڪا کان واپسي تي اداس رهي، لاهور آمد تي ويجهي دوستن طرفان سالگرهه جي تقريب جو بندوبست ڪيو،اداڪاره ميرا کي مبارڪون ۽ نيڪ تمنائن جا پيغام ملڻ باوجود مسڪراهٽ نه هئي. بلڪه اداس هئي. معلوم ٿيو آهي ته آمريڪا جي هينئر واري دوري دوران ميرا کي فلم پروجيڪٽ تي  ته گهڻي ڪاميابي نه ملي پر انهي کي ڪئپٽن نويد ۽ ان جي فيملي طرفان وڏو پيار مليو. ڪنهن شاپنگ ڪرائي ته ڪنهن مزي مزي جا طعام کارايا.ميرا هاڻي پاڪستان ۾ پنهنجي سهرن کي گهڻو مس ڪري رهي آهي. انهي لاءِ هو پنهنجي سالگرهه تي گهڻي تيار به نه ٿيل هئي. عام ڪپڙن ۾ سالگرهه جي تقريب ۾ نظر آئي. نه وري دوستن سان گڏ گهڻيون تصويرون ڪڍايون ۽ نه وري انهي طرح انجواءِ ڪيو. جيئن ماضي ۾ پنهنجي سالگرهه ۾ ڪندي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *