اداڪاره ميرا فلم ”هوٽل“ ۾ آئٽم سانگ ڪندي

اسلام آباد (شوبز نيوز)اداڪاره ميرا نئين فلم ”هوٽل“ ۾ آئٽم سانگ ڪندي. فلم هوٽل جي ڊائريڪٽر خالد حسن آهي جڏهن ته فلم جي پروڊڪشن ڪراچي ۾ مڪمل ڪئي ويندي. خالد حسين م طابق نفسياتي موضوع تي ٺهندڙ اها پهرين پاڪستاني ٿرلر فلم هوندي. فلم جي هيروئن ميرا آهي جڏهن ته باقي ڪاسٽ نون اداڪارن تي مشتمل آهي. فلم ۾ هڪ آئٽم سانگ آهي جنهن تي ميرا پرفارم ڪندي. گاني کي ڀارتي گلوڪاره جسمين سنڊلس ڳايو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *