اداڪاره ماهه نور ڀارتي فلمن ۾ بولڊ ڪردار سبب اداڪاري کان معذرت ڪري ڇڏي

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره ماهه نور ڀارتي فلم ۾ بولڊ ڪردار سبب اداڪاري کان معذرت ڪري ورتي ٻڌايو ويو آهي ته اداڪاره ماهه نور کي ڀارتي فلم ساز رجيش ملهوترا پنهنجي نئين شروع ٿيندڙ فلم ۾ اداڪاري جي آڇ ڪئي هئي جڏهن ته اداڪاره اسڪرپٽ ۾ پنهنجي ڪردار بابت معلوم ڪرڻ کان پوءِ فلم ۾ اداڪاري کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي اداڪاره جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته مان پاڪستاني ثقافت کان روشناس آهيان ۽ مون کي پنهنجي حدن جو به علم آهي ڀارتي فلمن ۾ بولڊ ڪم ڪري تڪراري نٿي بڻجڻ چاهيان جيڪڏهن سٺي ڪردار وارين فلمن ۾ ڪم جي آڇ ٿي ته ضرور ڪنديس

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *