اداڪارا فريدا پنٽو جي ريگستاني ڊانسر واري زندگي تي بڌل فلم جو ٽريلر جاري ٿي ويو

نيويارڪ ( شوبز نيوز) ڀارت ڄائي هالي ووڊ اداڪارا فريدا پنٽو جي ريگستاني ڊانسر واري زندگي تي بڌل فلم جو ٽريلر جاري ٿي ويو آهي، ٽريلر ۾ 30 سالن جي  فريدا پنٽو جي ايراني دٻيل معاشري ۾ ڊانس ڪندي زندگي خطري ۾ پوندي ڏيکاريو ويو آهي. فلم ۾ ٻارن کي عام زندگي ۾ رقص ڪندڙ افشان غفرين کي اسڪول ۾ رقص ڪرڻ تي سزا ملندي ڏيکاريو وڃي ٿو، پر ٻارجن ۾ فريدا پنٽو به شامل هئي،  مائيڪل جيڪسن، جين ڪيلي ۽ افشان سميت ڪجهه دوستن جي وڊيوز ڏسي رقص سکن ٿا. بعد ۾ پنٽو روڊولف سان گڏجي رقص ڪمپني کولي ٿي. رچرڊ ريمنڊ جي هدايتڪاري ۾ فلم آرلنگٽن ٿيٽر  سانتا باربرا انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ 17 اپريل تي آمريڪا ۾ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *