اداڪارا راکي ساونت جي پاڪستاني جهنڊي سان تصوير

ممبئي (شوبز نيوز) تڪرارن جي ملڪه راکي ساونت جي پاڪستاني جهنڊي سان تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي/ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 18

.اسڪينڊل ڪوئين نالي سان مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت سدائين ڪنهن نه ڪنهن تڪرار جو شڪار رهندي آهي ۽ هاڻي هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پاڪستاني جهنڊي سان تصوير شيئر ڪئي آهي.راکي ساونگ جي پاڪستاني جهنڊي سان تصوير سوشل ميڊيا تي گوڙ مچائي ڇڏيو آهي ۽ سندس مداح اهو ڄاڻڻ لاءِ بي چين آهن ته آخر راکي ساونت پاڪستاني جهنڊي سان ڇا ڪري رهي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته راکي ڀارت ۾ پاڪستاني فنڪارن تي پابندي خلاف ميدان ۾ اچي وئي آهي ۽ پاڪستاني فنڪارن سان ٻڌي جي اظهار لاءِ هن پاڪستاني جهنڊي سان تصوير شيئر ڪرائي آهي پر راکي پنهنجن مداحن جي ذهنن ۾ گھمندڙ سوالن جو جواب به پاڻ ئي ڏئي ڇڏيو آهي.راکي هڪ ويڊيو پيغام ٻڌايو آهي ته هوءَ هڪ فلم ”ڌارا 370“ ۾ ڪم ڪري رهي آهي جنهن ۾ هوءَ پاڪستاني عورت جو ڪردار نڀائي رهي آهي. اهو به فلم جو سين آهي جنهن ۾ پاڪستاني ۽ ڪشميري بارڊر کي ڏيکاريو ويو آهي. راکي ساونت هڪ ٻئي ويڊيو به شيئر ڪندي چيو ته پاڪستاني ماڻهن جي سيني ۾ به دل هوندي آهي، پاڪستاني محبتي آهن، سڀ خراب ناهن هوندا، ڪجهه ماڻهو هوندا آهن جيڪي پنهنجي ئي ملڪ ۽ قوم خلاف هوندا آهن ۽ ٻارن کان جهاد ڪرائيندا آهن، هر ملڪ ۾ ڪو نه ڪو خراب هوندو آهي. آئون پاڪستان جي ۽ پاڪستانين جي گھڻي عزت ڪندي آهيان. ڪجهه ماڻهون هوندا آهن جيڪي ڪشميرين ۽ هندستانين کي سرحد پار ڪرائيندا آهن انهن جي مدد ڪندا آهن اهي نيڪ هوندا آهن ۽ آئون اهڙن ماڻهن جي گھڻي عزت ڪندي آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *