اتر پرديش جي وزير اعليٰ فلم ”پي ڪي” جي ٽيڪس فري نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ فلم ”پي ڪي” جي ٽيڪس فري نمائش جي اجازت ڏني وئي. بالي ووڊ جي ذريعن مطابق اتر پرديش جي وزيراعليٰ تڪراري فلم ”پي ڪي” اڳ ۾ ڏٺي، کيس فلم جو موضوع ايڏو پسند آيو ته هن اتر پرديش ۾ فلم جي ٽيڪس فري نمائش جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. فلم جي حوالي سان سندس چوڻ آهي ته ان فلم جو موضوع تمام سٺو آهي، هو ميڊيا جي نمائندن کي به اهو ئي چوندو ته فلم ڏسڻ لاءِ سينيما گهرن جو رخ ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *