آسڪر ايوارڊ 2015ع فلم ”برڊمين“ 4 ايوارڊن سان ميلو کٽي ورتو

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ فلم برڊ مين بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو. لاس اينجلس ۾ منعقد 87 هين اڪيڊمي ايوارڊن جي تقريب ۾ بيسٽ پڪچر آسڪر جي حقدار فلم برڊ مين ۽ سي آءِ اي جي فرار ٿيندڙ انڊورڊ اسنوڊون تي ٺهيل فلم ”سٽيزن فور“ کي بيسٽ ڊاڪيو مينٽري آسڪر جي حقدار قرار ڏنو ويو. فلم برڊ مين بهترين فلم سان گڏ ٽي ٻيا ايوارڊ پڻ پنهنجي نالي ڪيا جن ۾ بهترين هدايتڪار رچرڊ لنڪ ليٽر، بيسٽ اسڪرين پلي ۽ بيسٽ سينيماٽوگرافي جا آسڪر ايوارڊ پڻ شامل آهن. بهترين ايني ميٽڊ فيچر فلم جو ايوارڊ فلم ”بگ هيرو سڪس“ حاصل ڪيو جڏهن ته بيسٽ اينيميٽڊ شارٽ فلم جو آسڪر ”فيسٽ“ جي حصي ۾ آيو. 87 هين اڪيڊمي ايواردن ۾ بهترين مددگار اداڪاره فلم بواءِ هڊ جي پيٽريشيا ارڪيٽ جڏهن ته بهترين مددگار اداڪار فلم ”ويپليش“ جي جي ڪي سيمن کي قرار ڏنو ويو. بهترين اداڪاره جو هلندڙ سال جو آسڪر ايوارڊ اداڪاره جوليان مور کي فلم اسٽيل ايلس تي حاصل ٿيو جنهن ۾ هن الزائمر سبب متاثر پروفيسر جو ڪردار ادا ڪيو آهي. بهترين اداڪار جو آسڪر فلم ”دي ٿيوري آف ايواري ٿنگ“ جي اداڪار ايڊي ريڊمين کي مليو. 87 هين اڪيڊمي ايوارڊن جي تقريب ۾ اداڪار رابن وليمز کي پڻ ياد ڪيو ويو ۽ سندس فني خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو. رابن وليمز 68 هين سال جي عمر ۾ گذريل سال آپگهات ڪري ڇڏي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *