گڏيل قومن جي پهرين مهم ۾ مان مردن ۽ عورتن جي برابريءَ لاءِ ڪم ڪنديس؛ ايما واٽسن

لاس اينجلس (شEmma-watson-as-hermione-granger-in-harry-potterوبز نيوز) مشهور اداڪارا ايما واٽسن گڏيل قومن ۾ عورتن جي حقن تي ڳالهائيندي چيو ته عورتن جي تحريڪ جو مطلب مردن سان نفرت ناهي. ايما واٽسن عورتن بابت گڏيل قومن ۾ عورتن جي ڀلائيءَ واريسفير آهي. ”هيري پوٽر“ فلم سيريز کان مشهوري ماڻيندڙ ايما واٽسن خطاب ڪندي چيو ته گڏيل قومن جي پهرين مهم ۾ مان مردن ۽ عورتن جي برابريءَ لاءِ ڪم ڪنديس. اسان مردن ۽ ڇوڪرين جي وڏي انگ کي مهم ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين جيئن هو ان مهم ۾ اسان جي مدد ڪن. ايما چيو ته منهنجي پوري پوري ڪوشش آهي ته ان مهم ۾ فرق نه پوي ۽ اهو فرق نظر نه اچي. هن چيو ته مان ڇهه مهينا اڳ گڏيل قومن ۾ عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ سفير مقرر ٿي هئس ۽ مان جيترو عورتن جي تحريڪ بابت ڳالهايان ٿي ايترو وڌيڪ مون کي خبر پئجي رهي آهي ته عورتن جي تحريڪ جي ڳالهه ٿئي ته ان کي مردن کان نفرت سمجھيو پيو وڃي. هن چيو ته اهڙي سوچ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *