گولڊن گلوب ايوارڊ، بوائي هوڊ بهترين فلم قرار

لاس اينجلس(شوبز نيوز): لاس اينجلس ۾ گولڊن گلوب ايوارڊز جو ميلو سجايو ويو، بهترين فلم جو ايوارڊ بوائي هوڊ کٽيو ايڊي ريڊ مين بهترين اداڪار جڏهن ته بهترين اداڪاره جو اعزاز جولياني مور جي حصي ۾ آيو، لاس اينجلس جي بيورلي هلٽن هوٽل هالي ووڊ جي چمڪندڙ ستارن سان چمڪي پئي، امل ڪالوني به ريڊ ڪارپيٽ جي رونق وڌائي بهترين فلم جو ايوارڊ بوائي هوڊ جي نالي ٿيو، دي ٿيوري آف ايوري ٿنگ جي ايڊي ريڊمين کي بهترين اداڪار قرار ڏنو ويو سٽيل الائس جي جولياني مور بهترين اداڪاره جو ايوارڊ حاصل ڪيو بوائي هوڊ جي رچرڊ لنڪ ليٽر کي بهترين هدايتڪار قرار ڏنو ويو، اينيميٽيڊ فلم هائو ٽو ٽرين يور ڊريگن ٽو بهترين اينيميٽيڊ فلم جو ايوارڊ حاصل ڪيو جڏهن ته انٽرٽينمينٽ جي دنيا ۾ آئوٽ اسٽينڊنگ پرفارمنس تي جارج ڪلوني کي دي سيسل بي ڊي مائيڪل ايوارڊ سان نوازيو ويو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *